نثار بزمي

نثار بزمي

نثار بزمي

نثار بزمي :ناليواري موسيقار نثار بزميءَ جو اصل نالو سيد نثار احمد ولد سيد قدرت علي آهي. هن 1 ڊسمبر 1925ع تي مهاراشترا، هندوستان جي ڳوٺ ”جل گائون“ ۾ جنم ورتو. هن موسيقيءَ جي بنيادي سکيا خانصاحب امانت علي خان کان ورتي. ڪيريئر جي شروعات 1939ع ۾ آل انڊيا ريڊيو تان ڪيائين. 1944ع ۾ بمبئي ريڊيو اسٽيشن تان ڊرامي ”نادر شاهه دراني“ ۾ سندس ڪمپوز ٿيل گانن کيس شهرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو. اهي سمورا گانا مقبول ويا، ان کان پوءِ هڪ ڀارتي فلم پروڊيوسر کيس پنهنجي فلم ”جمنا پر“ جا گانا ڪمپوز ڪرڻ لاءِ چيو. جنهن بعد بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ ۾ 40 بالي ووڊ فلمن جا گانا ڪمپوز ڪيائين، جن جا 14 فلمون 21 جون 1962ع ۾ سندس پاڪستان لڏي اچڻ کانپوءِ رليز ٿيون. هن مان ڪمپوز ڪيل ڪيترا گانا پاڪستاني فلمن ۾ به مقبول ٿيا، جن ۾ ”چلو اڇا هوا تم ڀول گئي“ (نورجهان)، ”حالت بدل نهين سڪتي“ (نورجهان)، ”دل ڌڙڪي مين تم يي ڪيسي“ (رونا ليليٰ)، ”هم چلي تو هماري سنگ سنگ نظاري چلي“ (عالمگير)، ”اڪ حسن ڪي ديوي سي مجھي پيار هوا ٿا“ (مهدي حسن) وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ مشهور قومي گيت ”هم زنده قوم هين“، ”يه وطن تمهارا هي“، ”خيال رکنا“ به سندس ڪمپوز ٿيل آهن. نثار بزميءَ کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ (1) ”نگار اوارڊ“ (1968ع)، (2) ”نگار اوارڊ“ (فلم انجمن 1970ع)، (3) ”نگار اوارڊ“ (فلم ميري زندگي هي نغما 1972ع)،(4) ”نگار اوارڊ“ (فلم خاڪ اور خون 1979ع)، (5) ”نگار اوارڊ“ (فلم هم ايک هين 1986ع) شامل آهن.


لفظ نثار بزميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.12.01  عيسوي

نثار بزمي 1 ڊسمبر 1925ع تي مهاراشترا ، هندوستان جي ڳوٺ ” جل گائون “ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضيه سلطانه کوکر
زين نوراني
انب جوڳي
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
ڀاٽيا جهامنداس پروفيسر
استاد امير علي خان
آشا چاند
سومر مرکنڊ
مولانا قمر الدين انڍڙ
رمضان بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون